ڀٽي مخدوم عبدالرؤف هالائي

ڀٽي، مخدوم عبدالرؤف هالائي (1682-1752ع ):سنڌ جو پهريون مولود گو شاعر مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، هالن پراڻن جي درويشن جي هڪ خانوادي جو چشم ۽ چراغ هو. صديق ميمڻ'>خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ڀٽي بزرگ اصل راجا جادم جي پٽ ڀوپت جو اولاد آهن. راجا جادم وري شري رامچندر پٽ راجا دسرٿ جي نائين پيڙهيءَ مان هو“. تحفة الڪرام تان ورتل هن حوالي موجب خانبهادر لکي ٿو ته: ”راجا جادم جي اٺين پيڙهيءَ ۾ ارجن پٽ وريو نالي راجڪمار جيسلمير جو حاڪم هو؛ جيڪو مخدوم بهاءُالدين ذڪريا ملتانيءَ جي نظر فيض اثر سان مسلمان ٿيو ۽ ولايت جو درجو حاصل ٿيس“. سندس نالو عبدالله رکيو ويو ۽ غوث جو خليفو ٿي سنڌ ۾ آيو. هو پنهنجي فرزند مخدوم اسماعيل سميت هالن نون جي ڀرسان ماڙي محمد خان ڳوٺ ۾ اچي رهيو.
هن خاندان ۾ اهل دل درويش ٿي گذريا آهن. جن ۾ سمن جي حڪومت جي بزرگ مخدوم احمد ولد مخدوم اسحاق سان ڪي بيت به منسوب آهن:
سڏ سڻي پرينءَ جو، وانگي جي نه ورن...
مخدوم احمد سان مخدوم عبدالرؤف جو شجرو مٿي هن طرح ملي ٿو: مخدوم عبدالرؤف پٽ مخدوم عمر پٽ مخدوم عبدالحميد اول پٽ مخدوم فتح الله اول پٽ مخدوم احمد.
مخدوم عبدالرؤف 1682ع ۾ هالن ۾ ڄائو. ان ئي دؤر ۾ جنهن مخدوم ابراهيم جي ”سنڌي“ مشهور آهي، سو مخدوم عبدالرؤف جو ڀاءُ هو. هن خاندان ۾ ايندڙ صدين ۾ ڪيترا عالم پيدا ٿيا. وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي وٽ مخدوم عبدالرؤف ڀٽيءَ جي گھڻي قدر منزلت هئي. مخدوم عبدالرؤف جو شعر مولودن، مداحن، ڪافين ۽ بيتن (ڏوهيڙن) جي صورت ۾ موجود آهي. کيس خاص طور مقبوليت مولودن جي ڪري ملي. هن پنهنجو تخلص اڪثر ”عاصي عبدالرؤف چئي“ جي انداز ۾ آندو آهي. سندس ڪلام علم عروض ۽ ڪافين جي انداز ۾ چيل آهي.
مخدوم عبدالرؤف هڪ سچي عاشق رسول وانگر مديني ۾ مرڻ ۽ ديارِ حبيب ۾ دفن ٿيڻ جي تمنا ڪئي هئي، جا پوري ٿي. ٻئي حج ڪرڻ جي موقعي تي مدينه منوره ۾ 1752ع ۾ وفات ڪيائين. کيس ڪو اولاد ڪونه هو. سندس ڀائرن جو اولاد موجود آهي، جن مان مخدوم صالح ڀٽي هڪ عالم ۽ اديب ٿي گذريو آهي.
ٽنڊي ولي محمد، حيدرآباد جا ڀٽي هن خاندان مان آهن، جن مان مظفر صادق ڀٽي وڪيل، سنڌ حڪومت جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. مخدوم عبدالرؤف جو ڪلام عشق رسول جي جذبن جو آئينو آهي. ڪلام ۾ جذبات جي شدت، رقت ۽ سڪ جو بيان نمايان حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي تاليف ”مولود“ ۾ مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ جا 77 مولود درج ڪيا آهن. جڏهن ته مخدوم محمد صالح ڀٽيءَ، مخدوم عبدالرئوف ڀٽيءَ تي هڪ مڪمل ڪتاب پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جا 348 مولود، ڪيتريون ئي ڪافيون ۽ بيت شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو